ڀومي آمله

ڀومي آمله

ڀومي آمله

ڀومي آمله/ آنِورا (Amla (Phyllanthus Niruri / Emblica ):هي هڪ قسم جي جڙي ٻوٽي آهي. جنهن کي لاطينيءَ ۾ Phylanthus Niruri Linn، سنسڪرت ۾ ڀومي آملڪي، هنديءَ ۾ ڀوئي آمله ۽ گجراتيءَ ۾ ڀون انولي چئبو آهي. هي Aristochiaceae آڪهه مان آهي. هي هڪ ميٽر ڊگھو ٻوٽو آهي. هن جو ٻيو ٻوٽو زمين تي پکڙيل هوندو آهي. هن جا پن آنوري جي پن جھڙا ۽ گل به اهڙو ئي ٿئي ٿو. پر هن جو ڦل مڱ جيترو ٿئي ٿو، جنهن کي آنِوري وانگر ليڪون هونديون آهن. ذائقي ۾ تمام ڪڙو ٿيندو آهي. هند کانسواءِ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ ٿئي ٿو. هي حڪمت ۾ ڪم اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو